انگي حساب 29

انگي حساب: هيءُ ڪتاب محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو درجي ٻئي جي شاگردن لاءِ لکيو ويو هو. رايل سائيز ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 108 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو پنجاهه پئسا ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، حيدرآباد، باب الاسلام پريس، ڪراچيءَ مان سال 1972ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ڪتاب ايجنسي طرفان باب الاسلام پريس، ڪراچيءَ مان 1973ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو